ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ

ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي ڪيسن ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گيسٽرو ۽ دستن (اسهال) جي ڪيسن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. شهر جي مختلف اسپتالن جي ايمرجنسي وارڊن ۾ گيسٽرو ۽ دستن جي مريضن جي رش ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. ڊاڪٽر عمران سرور موجب، سول اسپتال ۾ پيٽ جي بيمارين ۽ ڊائرريا جا 200 کان وڌيڪ مريض روزانو اچي رهيا آهن. ڊاڪٽر عرفان جو چوڻ آهي ته جناح اسپتال ۾ روزانو گيسٽرو ۽ ڊائرريا جي مريضن جو انگ 150 کان وڌي چڪو آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته شهري پيٽ ۾ سور، الٽي، متي ۽ لوز موشن (دستن) جي شڪايتن سان اسپتالن جو رخ ڪري رهيا آهن؛ فريزر ۾ رکيل گوشت جيڪڏهن صحيح طريقي سان پکايل نه هجي ته اهو معدي جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. طبي ماهرن چيو آهي ته غير معياري ۽ گدلا کاڌا گيسٽرو جي ڦهلاءَ جو وڏو سبب بڻجي رهيا آهن، شهري تازو ۽ صاف سٿرو کاڌو استعمال ڪن، کاڌي کي ڍڪي رکن ۽ ان کي فريج ۾ مناسب گرمي پد (ٽيمپريچر) تي محفوظ ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو