ڪراچي ۾ گاڏي تي فائرنگ دوران نوجوان قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان جنباز ويجهو گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول پنهنجي ساٿين سان سي ويو ڀرسان هڪ اپارٽمينٽ ۾ ويٺو هو ته جوابدار فهد خان اتي آيو ۽ مقتول سان جهيڙو ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته همايون پنهنجي دوست سان گڏ گهر وڃڻ لاءِ روانو ٿيو، جوابدار فهد همايون جي پٺيان سندس گهر پهتو، همايون کي ڪار مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ جوابدار فهد خان فائرنگ ڪري ڏني.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان گولين جا 15 کان وڌيڪ خول مليا آهن، هو همايون ۽ فهد وچ ۾ جهيڙي جي معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن.همايون پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ ۽ 2 ٻارن جو پيءُ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو