ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نئون ڪوٽ واسي نوجوان قتل

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ملير ڪينٽ واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نئون ڪوٽ واسي انجنيئر نوجوان شعيب شفقت قائمخاني قتل ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته موٽر سائيڪل سوار ٽن هٿياربندن انجنيئر کان موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ پرس ڦر ڪئي ته نوجوان مزاحمت ڪئي، هٿياربندن گوليون هڻي شعيب شفقت کي قتل ڪري ڇڏيو.سول اسپتال مان قانوني ڪارروائي بعد مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد مقتول جي گهر ۾ قهرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو