ڪراچي ۾ ٿيٽر فيسٽيول ۾ اڄ 3 شو ٿيندا،انتظاميه

ڪراچي ۾ ٿيٽر فيسٽيول ۾ اڄ 3 شو ٿيندا،انتظاميه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول جو اڄ 24 هون ڏينهن آهي.آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ جاري پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول جي سلسلي ۾ اڄ 3 شو پيش ڪيا ويندا.منيب الرحمان جي هدايتڪاري ۾ پهريون ٿيٽر ڊرامو ”نه تياري ناهي“ شام 5 وڳي پيش ڪيو ويندو.ٻيو ٿيٽر ڊرامو ”آزاد“ شام 7 وڳي پيش ڪيو ويندو، ”آزاد“ جو موضوع فريب جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي.پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول ۾ ٽيون ڊرامو اڄ رات 9 وڳي پيش ڪيو ويندو، ٽئين ٿيٽر ڊرامي جو ٽائيٽل ”شام به ٿي شم“ آهي، اهو هڪ رومانوي ٿيٽر ڊرامو آهي.’شام به ٿي شم شم‘ بنگالي ٿيٽر ڊرامي تان ورتل آهي، جيڪو اردو زبان ۾ پيش ڪيو ويندو.واضح رهي ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول هلندڙ مهيني 8 سيپٽمبر تي شروع ٿيو هو جيڪو 8 آڪٽوبر تي ختم ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو