ڪراچي ۾ ٿوري برسات ۾ سمورو نظام درهم برهم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ ايتري برسات ۾ سڄو نظام درهم برهم ٿي ويو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته گذريل ڏينهن شهر جي ڪجهه علائقن ۾ برسات پئي، ايتري برسات سڀني دعوائن جي نفي ڪري ڇڏي.هن چيو ته پڇن ٿا ته اربين رپين جا فنڊ ڪٿي جمع ٿيا، ميئر گذريل سالن کان ايڊمنسٽريٽر آهي، هن وٽ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ کانسواءِ ڪو ڪم ناهي.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 200 ماڻهن جي گنجائش ۾ هڪ هزار ماڻهو هجن ته مسئلو ٿيندو، ٽائون چيئرمين کي بااختيار بڻائڻ تائين ڪم ڪيئن ٿيندو؟ جيڪڏهن ٽائون چيئرمين کي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جا اختيار نه ڏنا وڃن ته صفائي ڪيئن ٿيندي؟ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته هاڻي چيو پيو وڃي ته 6 مهينن تائين فنڊ جاري نه ٿيندا، ميئر جي چونڊ کان اڳ بجيٽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي پاس ڪئي هئي، ميئر ڪراچي ڪائونسل جو اجلاس گهرائي بجيٽ تي بحث ڪري. هنن جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله جي بيان جو وزيراعظم نوٽيس وٺي، گهرو وزير جي بيان تي شهباز شريف کي خط لکي رهيو آهي. هن چيو ته چونڊون شفاف مردم شماري کان پوءِ ڪرايون وڃن، جيڪڏهن جعلي آدمشماري جي بنياد تي چونڊون ڪرايون وڃن ته اها ڪراچي جي عوام سان ناانصافي ٿيندي. حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته عوام کي نمائندگيءَ کان محروم رکڻ ڏوهه کان گهٽ ناهي، سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود پيپلز پارٽي 3 لک کان وڌيڪ ووٽ حاصل نه ڪري سگهي، ڪراچي لاءِ سڀ کان اهم مسئلو مردم شماري آهي، آدمشماري جا نتيجا نه اچي رهيا آهن، ماضي ۾ هر ڪو چوندو رهيو ته نئين آدمشماري تي ئي چونڊون ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو