ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، جوابدار عورت سميت گرفتار

ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، جوابدار عورت سميت گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل مقابلي بعد عورت سميت زخمي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب ناٿا خان فلائي اوور وٽ اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ۽ جوابدارن وچ ۾ مقابلو ٿيو، مقابلي بعد زخمي جوابدار کي عورت سميت گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار گذريل ڏينهن ڪورنگي ۾ پوليس تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو هو، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ اويس ۽ شريڪ جوابدار جي سڃاڻپ شوتا طور ٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل 4 ڀيرا گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدار وٽان هڪ پستول، 2 ڪلو چرس ۽ هڪ موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو