برسات ۽ طوفان سبب 25 ڄڻا فوت، 70 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گادي واري شهرڪراچي ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ طوفاني هوائن سبب گهرن جون ڇتيون، ڀتيون ۽ وڻ ڪرڻ سبب 25 ماڻهن جي فوت ٿيڻ ۽ 70 کان وچيڪ زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ مٽي جي طوفان، تيز هوائن ۽ بارش سبب مختلف علائقن ۾ بجليءَ جا پول، ڇپرا، سائين بورڊز۽ وڻ پٽجي ويا، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ڪراچي ۾ گورنر هائوس آڏو بجلي جو پول ڪري پيو، فشر فوڪ فورم جي محمد علي شاه موجب مڇي مارڻ لاءِ ويل 9 ملاحن جي ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، 5 ڄڻن کي ميري ٽائم سيڪورٽي وارن بچائي ورتو 4 غائب آهن. سيمي جمالي موجب 58 زخمي جناح اسپتال آندا ويا، ٻه لاش به آيا، هڪ ڄڻو علاج دوران فوت ٿيو، ڪجهه زخمين جا عضوا ڀڳل هئا. ڊاڪٽر قرار عباسي موجب هڪ لاش سول اسپتال آندو ويو ۽ ڪجهه زخمي به آندا ويا. لياري ۾ مدرسي جي ڀت ڪري پئي، عباسي شهيد اسپتال ۾ پڻ 8 زخمي آندا ويا. ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيزهوائن ۽ وقفي وقفي سان بارس جوسلسلو جاري آهي. ڪورنگي، لانڍي، ملير، لياري، پي اي سي ايڇ ايس، سرجاڻي ٽائون، گڏاپ، گلشن حديد، نيو ڪراچي، پيپلز چورنگي، قائد آباد، ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن دوران مختلف حادثن جا اطلاع مليا آهن. پيپلز چورنگي وٽ تيز هوا دوران وڻ پاڙان پٽجي ڀرپاسي موجود ماڻهن تي ڪري پيو  ٻار فوت ٿي ويو، جڏهن ته حاجي مريد ڳوٺ ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب 5 ورهين جي نينگري حياتيءَ وڃائي ويٺي. ٽيپو سلطان واري علائقي ۾ اسڪول جي ڇِت ڪرڻ سبب 8 شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. لانڍي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سرجاڻي ٽائون ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خاموش ڪالوني قبرستان ڀرسان گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ورهين جي تنزيلا فوت ٿي وئي. حاجي ابراهيم ڳوٺ ۾ ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڇوڪري فوت ٿي وئي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا دوران تارون ٽٽڻ سبب بجلي، فون لائين ۽ انٽرنيٽ سروس ۾ به رُخنو پيو آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي، اُن کانسواءِ ڪراچي ۾ تيز هوائن سبب ڏيهه توڙي پرڏيهه ويندڙ اُڏامن جو شيڊول به متاثر ٿيو آهي. ڪراچي شهر ۾ مٽيءَ سان تيز هوا کانپوءِ مختلف علائقن ۾ برسات جو وسڪارو به پيو آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب رات دير سان مٽيءَ جو طوفان غيرمعمولي ۽ توقع کان وڌيڪ هو، شهر ۾ 65 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلي رهيون هيون، شهر ۾ ٻن ڏينهن تائين مٽيءَ سان تيز هوائن جو سلسلو جاري رهندو. وزيراعليٰ مراد علي شاهه انتطاميا کي امدادي ڪم جاري رکڻ ۽ نظام جي بحالي جي هدايت ڪئي آهي. پنجاب جي ضلعي خانيوال ۾ چئن ڄڻن، بهاولپور ۾ ٽن ۽ دنياپور ۾ ٻن ڄڻن جي مرڻ جا اطلاع آهن. چترال ۾ ڀت ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻن مردن جي مرڻ جو اطلاع آهي. پهاڙي علائقن ۾ ڇپون ڪرڻ ۽ ندي نالن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي ۽ روڊ رستا بند آهن. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ بارش سبب ڪڻڪ جي فصل کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. لابارو ٿيل ڪڻڪ جي ول اڏامي وئي آهي، واچوڙن سبب ڪڻڪ جا گڏا هوا ۾ اڏامندا رهيا. بلوچستان ۾ برساتي نالن تباهي مچائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو