ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي اقتصادي حب ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10 کان 12 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ نمي جو تناسب 54 سيڪڙو آهي، هوائون به نه هلنديون.ٻئي طرف چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته هن سال سردي جي موسم ۾ گهٽ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.










