ڪراچي ۾ مئل مرغي فراهم ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ڪورنگي پوليس ڪارروائي ڪندي ٺٽي جي پولٽري فارمن مان مئل مرغي خريد ڪري شهر ۾ سپلاءِ ڪندڙ گينگ جي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.عوامي ڪالوني ۾ گشت دوران پوليس ٻن سوزوڪي پڪ اپ کي روڪي تلاشي ورتي ته انهن ۾ مرغي ڀريل هئا.پوليس گاڏين ۾ سوار ٽن جوابدارن حسنين، جاويد ۽ فاروق کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدار جو هڪ ساٿي عمران عرف منا فرار ٿي ويو.جوابدارن انڪشاف ڪيو ته هو ٺٽي جي مختلف پولٽري فارمن مان مئل مرغي گڏ ڪري ڪورنگي، لانڍي، گلشن حديد جي مختلف هوٽلن، ريسٽورنٽ ۽ مارٽن ۾ فراهم ڪندا هئا.پوليس موجب ڪورنگي جي علائقي ۾ گينگ وار جي سربراهه ڪامران ملڪ جي گرفتاري لاءِ جوابدار جي گهر تي ڇاپو هنيو پر هو فرار ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته برآمد ڪيل مرغي جو وزن 2 هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته جوابدار گرفتاري کان اڳ 750 ڪلو مئل مرغي فراهم ڪيا هئا.جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته هو روزانو 20 کان وڌيڪ هنڌن تي مئل مرغي فراهم ڪندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو