ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته شهر قائد ۾ سڀاڻي کان موسم تبديل ٿي ويندي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سڀاڻي کان تيز هوائون وقفي وقفي سان هلنديون ۽ رات جو گرمي پد گهٽجي ويندو.موسميات کاتي موجب شهر ۾ رات جو گرمي پد 16 کان 18 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ ڏينهن جو گرمي پد 29 کان 31 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ رات جي وقت موسم خشڪ ۽ ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب اڄ به قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.










