ڪراچي ۾ تيز هوائن ۽ گجڳوڙ سان گڏ برسات، طوفان جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ موسم خشڪ ٿيڻ بعد مختلف علائقن ۾ ٿڌ ۽ تيز هوائن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سان گڏ برسات شروع ٿي وئي آهي.ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي جيڪو ڪنهن به وقت تيز برسات ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب شهر ۾ اڄ به برسات ۽ طوفان جو امڪان آهي.هن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ 15 اپريل جي صبح تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو