ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ تيز برسات جو ڪو به امڪان ناهي، سسٽم بلوچستان کان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ داخل ٿي رهيو آهي.موسميات کاتي اڄ ۽ سڀاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي تي هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ڪراچي جي مختلف علائقن جهڙوڪ ٽاور، آءِ آءِ چند ريگر روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ صبح سوير برسات پئي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 15 کان 40 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي.ٻئي طرف چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ برسات جو ڪو به امڪان ناهي، بلوچستان کان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.










