ڪراچي ۾ تيز برسات، موسم خوشگوار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ تيز برساتن کانپوءِ موسم ٿڌي ۽ خوشگوار ٿي وئي آهي.ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون، نارٿ ڪراچي، اسڪيم 33، منگهو پير، اورنگي ٽائون ۽ تيسر ٽائون ۾ به برسات پئي.گلشن مري ۽ بحريا ٽائون ۾ تيز هوائن سان برسات جاري آهي.نارٿ ناظم آباد ۾ هلڪي برسات ٿي رهي آهي جڏهن ته صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ تي تيز برسات ٿي رهي آهي.هاڪس بي، ماريپور روڊ، لياري، جهانگير روڊ، لياقت آباد، عائشه منزل ۽ ناظم آباد ۾ هلڪي ۽ تيز برسات ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات پڻ ٿي آهي.برسات کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو