ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪراچي بندرگاهن کان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي نقل و حرڪت کي روڪڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ڊي جي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي صدارت هيٺ ڪسٽم هائوس، ڪراچي جي ڊائريڪٽوريٽ آف ٽرانزٽ ٽريڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر افغان ٽرانزٽ ڪوئيٽا ۽ پشاور زوم تي شرڪت ڪئي، اجلاس کان پوءِ ڪسٽم جنرل آرڊر 98.2025 جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي نقل و حرڪت کي اڻڄاتل مدي لاءِ معطل ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪوئيٽا ۽ پشاور ڪسٽم اسٽيشنن تي وڌيڪ ڪنٽينر پارڪ ڪرڻ جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي، تنهن ڪري، سڀني ٽرمينلز کي گاڏين تي لوڊ ٿيل افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ڪنٽينرن کي آف لوڊ ڪرڻ گهرجي، انهي سان گڏ افغان ٽرانزٽ جا سڀئي گيٽ پاس رد ڪري ان جي نقل و حرڪت کي روڪيو وڃي، هي حڪم نئين صورتحال تائين لاڳو رهندو، ڪسٽم جي هن حڪم کان پوءِ ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم جي سڀني ٽرمينلز افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ڪليئرنس کي روڪي ڇڏيو آهي، ڪسٽم ذريعن موجب، ايس اي پي ٽي تي ٽي پي ڪنٽينرز جون ڊگهيون قطارون آهن، سوين ڪنٽينر گاڏين تي لوڊ ٿيل آهن ۽ سوين ڪوئيٽا ۽ پشاور جي رستن تي بيٺل آهن، ڊرائيور سرحد کولڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.










