ڪراچي: ٽريفڪ حادثا،معصوم نياڻي سميت 3 ڄڻا فوت

ڪراچي: ٽريفڪ حادثا،معصوم نياڻي سميت 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٿيل ٻن مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ 4 سالن جي نياڻي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ناردرن بائي پاس ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. ريسڪيو اختيارين موجب، هڪ نامعلوم تيز رفتار گاڏي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن بعد زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا 11 ۾ روڊ پار ڪندڙ 4 سالن جي معصوم نياڻي تيز رفتار گاڏي جو شڪار ٿي فوت ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو