ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته شهر ۾ هن وقت پاڻي جو وڏو بحران آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته وڏي علائقي جا ڪنيڪشن غير قانوني طور ڪٽيا ويا، جڏهن ته حڪومت غير قانوني طور تي ٽينڪر مافيا کي پاڻي ڏئي رهي آهي.هنن چيو ته سڀاڻي شهر ۾ 10 هنڌن تي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويندو ۽ 4 آگسٽ تي واٽر بورڊ آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو آهي ته عوام کي پاڻي ڏنو وڃي ۽ غير قانوني هائيڊرنٽس بند ڪيا وڃن، بجلي جي بل ۾ 7 رپيا في يونٽ کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته وچولي طبقي تي وڌيڪ بار وڌو ويو آهي، زراعت تي ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، اسحاق ڊار چيو آهي ته زراعت تي ٽيڪس نه لڳايو ويندو.حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته انهن وڏن زميندارن کان هڪ سال ۾ رڳو 4 ارب رپيا گڏ ٿيا آهن، 4 سيڪڙو زميندارن وٽ 60 سيڪڙو زمين آهي جنهن تي ٽيڪس ناهي لڳايو ويو.سندس چوڻ آهي ته آگسٽ ۾ ايندڙ بجلي جو بل وڌو ويندو، حڪمرانن جو هڪ حصو ۽ عوام جو ڪچو طبقو آهي.ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو آهي ته چند نوڪريون ڏئي پنهنجا وات بند ڪري ڇڏيا آهن، اسان جو احتجاج رسمي نه هوندو، هي احتجاج عوام کي رليف ڏيندو.حافظ نعيم الرحمان جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فرينڊلي اپوزيشن قائم ٿي وئي آهي، هاڻي اهي سڀئي ماڻهو گڏجي نگران حڪومت ٺاهيندا.
