ڪراچي مان جندالله جو خطرناڪ دهشتگرد گرفتار، شهر تباهي کان بچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ دهشتگردي واري روڪٿام جي فورس “ سي ٽي ڊي”  ڪراچي مان جندالله جي اهم دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي پيل تنظيم جندُالله سان واسطو رکندڙ دهشتگرد محمد اسحاق عرف گل کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار دهشتگرد  وٽان آپگهاتي جئڪيٽس، 2 هينڊ گرنيڊ ۽ ٻيو بارودي مواد توڙي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي شهر وڏي تباهي کان بچي ويو آهي. هن ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد افغانستان ۽ بلوچستان کان ٿيندو اندرون سنڌ ويو ۽ بعد ۾ ڪراچي پهتو آهي. کيس ڪراچي ۾ دهشگردي جي وڏي ڪارروائي لاءِ موڪليو ويو هو. دهشتگرد اسحاق ڪراچي جي پاپوش نگر جي رهواسي ۽ لشڪرِ جهنگوي جي امير عطاءُ الرحمان عرف نعيم بخاري جو پاڙيسري هو، هو 2006ع ۾ جندالله ۾ شامل ٿيو هو.  هُن چيو ته گرفتار دهشتگرد اسحاق افغانستان مان دهشتگردي جي تربيت ورتي ۽ ڪراچي جي آواري ٽاورڀرسان 2 بم ڌماڪا ڪيا، جنهن بعد  افغانستان فرار ٿي ويو هو. هن چيو ته گرفتار دهشتگرد ڪراچي ۾ پوليس سوڌو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث آهي ۽ 11 جون 2004 تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي تي حملي ۾ به ملوث هو. ڪلفٽن پل وٽ ان وقت جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل احسن سليم حيات تي ٿيل حملي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ٻارنهن ٻيا زخمي ٿيا هئا. سندس ڪيترائي ساٿي پوليس مقابلن ۾ مارجي چڪا آهن. واضح رهي ته جندالله ايران ۾ حملن م پڻ ملوث رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو