ڪراچي سخت ٿڌ جي لپيٽ ۾، پارو سنگ ڊجٽ ۾ اچي ويو

ڪراچي سخت ٿڌ جي لپيٽ ۾، پارو سنگ ڊجٽ ۾ اچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گادي وارو شهر هن وقت سرد موسم جي لپيٽ ۾ آهي، جتي پارو سنگل ڊجيٽ ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم سڪي رهڻ ۽ رات جو ٿڌ وڌيل رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 9.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 کان 10 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اميد آهي.
ان کان علاوه، شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 24 کان 26 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب 58 سيڪڙو آهي ۽ اتر اوڀر طرفان هوائون هلڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته شهر ۾ رات جو سڀ کان گهٽ گرمي پد جناح ٽرمينل تي 7.9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته گلستانِ جوهر ۾ 10.5، شاهراهه فيصل تي 11.5، بن قاسم ۾ 11 ۽ ماڙي پور ۾ 12.5 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو