ڪراچي جي موسم تبديلي،تيز هوائون گھـُلڻ جو امڪان ظاهر

ڪراچي جي موسم تبديلي،تيز هوائون گھـُلڻ جو امڪان ظاهر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي اڄ کان ڪراچي جو موسم تبديل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪندي تيز هوائون گھـُلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ تيز هوائون گھـُلي سگھن ٿيون، جڏهن ته خيبرپختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪٿي ڪٿي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. ملتان، لوڌران، خوشاب، ڊيرا مراد جمالي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پوڻ کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي. ٻئي پاسي بلوچستان جي ضلعي دَکي ۾ برفباري جو 42 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، جڏهن ته سوين سولر پليٽن ۽ وڻن کي به نقصان پهتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو