ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته کين ڪنهن جي به رحم و ڪرم تي نه ڇڏينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ان وقت ڦرلٽ جو بازار گرم آهي، هن شهر کي لينڊ مافيا حوالي ڪيو پيو وڃي، اسان مسلسل هڪ سال کان وزيراعظم کي خط لکي رهيا هئاسين.هن چيو ته ٻنين ۽ زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، ڏوهه وڌي رهيا آهن ۽ ڪراچي ڏوهارين جي پناهگاهه بنجندي پئي وڃي. هيل پارڪ جو مطلب اهڙي جڳهه آهي جتي جبلن جو دامن هجي، هيل پارڪ جي ذميواري ميئر ڪراچي جي آهي ته هو انهن جبلن جي حفاظت ڪري، پي اي سي ايڇ ايس (PECHS) جي ايڊمنسٽريٽر ان وقت تباهي مچائي رکي آهي.فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جي ميئرز جي دور ۾ هتي پلاٽنگ جي اجازت نه ڏني وئي، جيڪڏهن 1990ع ۾ هيل پارڪ تي پلاٽ جي منظوري جا ڪاغذ هئا ته هن وقت تائين ڇو انتظار ڪيو ويو؟ ڪنهن به ماسٽر پلان ۾ هيل پارڪ جي اندر وڌيڪ پلاٽ ناهن، جڏهن ته مختلف ماڻهو آهن جن کان انفرادي طور تي پئسا ورتا ويا آهن، خريد ڪرڻ وارن کي به ڏسڻ گهرجي ته اهي ڪٿي پلاٽ خريد ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ جو چوڻ هو ته هيل پارڪ جي زمين 62 ايڪڙن تي مشتمل آهي جنهن ۾ جبل شامل آهن، اڄ جبل ته سڀاڻي پارڪ جي زمين به وڪرو ڪئي ويندي. ڊائريڪٽر لينڊ ڪهڙي قانون تحت هيل پارڪ ۾ پلاٽ جي اين او سي (NOC) ڏني؟ جڏهن ته ڪراچي 23 سالن تائين وفاق ۾ رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اڄ ڪا نئين ڳالهه ناهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جڏهن ڪراچي گادي جو هنڌ نه رهيو ان کانپوءِ به وفاق ڪراچي کي هلائيندو رهيو. للي بريج جي هيٺان 983 گز جون جڳهيون وڪرو ڪيون ويون آهن، هيل پارڪ جماعت اسلامي جي ٽائون چيئرمين جي حدن ۾ اچي ٿو، هو ڪٿي آهي؟فاروق ستار جماعت اسلامي تي تنقيد ڪندي چيو ته جماعت اسلامي جو اپوزيشن ليڊر پي اي سي ايڇ ايس (PECHS) سوسائٽي جو قانوني صلاحڪار آهي، جماعت اسلامي به پيپلز پارٽي سان مليل آهي. ميئر ڪراچي چئي رهيو آهي ته هن ڪم روڪرائي ڇڏيو آهي، پر ميئر ڪراچي ان جي جاچ ڪرائي ته اجازت ڪنهن ڏني؟هن چيو ته هيل پارڪ جي حوالي سان ڊائريڪٽر لينڊ خلاف نيب (NAB) جاچ ڪري، گل پلازا جي رپورٽ خاموشيءَ سان عدالت مان کڻي ڪابينا کي ڏني وئي، گل پلازا جي حوالي سان رپورٽ کي پبلڪ ڪيو وڃي، اڃا تائين انهن سوالن جا جواب ناهن مليا ته باهه ڪيئن لڳي؟فاروق ستار چيو ته ايندڙ سال ايم ڪيو ايم جو ميئر اسان بڻائينداسين، اسان بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين.










