ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اعظم بستي ۾ موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.سي سي ٽي وي وڊيو ۾ ٻن موٽرسائيڪل سوار جوابدارن کي ڪار مان ٻاهر نڪتل شخص تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.ڪار ۾ سوار هڪ ٻئي شخص به جوابدارن تي فائرنگ ڪئي، مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته سلمان کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون، جنهن بعد کيس قتل ڪيو ويو.پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان هڪ درجن کان وڌيڪ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.جوابدارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ سلمان جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته سندس دوست ڪامران زخمي ٿي پيو آهي.مقتول جي ڀاءُ آصف ڳالهائيندي چيو ته ڀاءُ ڪار مان گهر اچي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 جوابدار آيا.جوابدارن ڪامران تي هڪ کان پوءِ فائرنگ شروع ڪري ڏني، گولين جا نشان گهٽي جي ڀتين ۽ دروازن تي پڻ آهن.مقتول جي ڀاءُ آصف جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصو اڳ سلمان مگسي گروپ پاران کيس ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج موجب جوابدار سلمان تي هڪ کان پوءِ فائرنگ ڪئي، 7 کان 8 فائرنگ ڪرڻ بعد جڏهن هو فرار ٿيڻ لڳو ته مقتول جي دوست ڪار مان جوابدارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو. تنهن هوندي به هو پنهنجي ساٿيءَ سان گڏ موٽرسائيڪل تي ويهندي فرار ٿي ويو.
