عورت جو گولي لڳل لاش ھٿ، پوليس جاچ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي احسن آباد الله بخش ڳوٺ وٽان عورت جو لاش هٿ آيو آهي، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت کي منهن تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ 30 ورهين جي رمشا جي نالي سان ٿي آهي، جيڪا لياري جي رهواسڻ ھئي،پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جو اصل تعلق سيالڪوٽ سان هو، مقتول جي مڙس عرفان سان رابطو ڪيو ويو آهي، واقعو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو.پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جو موبائيل فون تحويل ۾ ورتو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو