ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گبول ٽائون شفيق ڪالوني ۾ گهر ۾ سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو ٽيم موجب، سلينڊر ڌماڪو عمارت جي پهرين منزل تي ٿيو، جنهن جي ڇت کي به نقصان پهتو.ريسڪيو ٽيم جو چوڻ آهي ته سلينڊر ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انچارج عابد خان واقعي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گيس جون لائينون پراڻيون آهن، ماڻهن ڪنڊي مان گئس جو ڪنيڪشن ورتو آهي، پراڻين لائينن مان به گيس ليڪ ٿي رهي هئي.هن چيو ته تارن ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي ۽ پوءِ گئس ليڪ ٿيڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿيو.










