راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير گڏيل ملٽي نيشنل اسپيشل فورسز جي مشق ”ايٽرنل برادرڊ II“ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف بروٿا گيريژن جو دورو ڪيو ان سلسلي ۾ هن جونيئر ليڊرشپ اڪيڊمي (شنڪياري) جو به دورو ڪيو.ان موقعي تي جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج جو پروفيشنلزم ۽ قيادت جو معيار دنيا جي ڪنهن به جديد فوج جي مقابلي ۾ بهترين آهي.هن چيو ته پاڪ فوج جي جونيئر ليڊرن سڄي دنيا ۾ تربيت ۽ آپريشنز ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي.هن چيو ته جونيئر اڳواڻن عالمي سطح جي مقابلن ۾ به پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.چيف آف اسٽاف جنرل آفيسر ڪمانڊنگ اسپيشل سروسز گروپ پاران مشق تي بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب مشق جو مقصد دوست ملڪن جي وچ ۾ تاريخي فوجي لاڳاپن ۽ فوجي سهڪار کي وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري دهشتگردي خلاف جنگ ڪرڻ آهي.
