ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جيڪو ڪالهه انٽربينڪ ايڪسچينج ۾ سستو هو، اڄ ٻيهر مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 56 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 277 رپيا 27 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 275 رپيا 44 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 268 پوائنٽن جي واڌ سان 43 هزار 825 تي پهچي ويو آهي.ڪالهه 100 انڊيڪس 43 هزار 557 پوائنٽس تي بند ٿيو
