ڪارپوريشن جي ملازمن جي صلاحيتن لاءِ ٽريننگ پروگرام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران واٽر ڪارپوريشن جي آفيسرن ۽ ملازمن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنيڪل ٽريننگ پروگرام جو آغاز ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عالمي بئنڪ جي سهڪار سان پرتگال جي واٽر يوٽيلٽي AGUAS DE PORTUGAL INTERNACIONAL لسبن سٽي ۾ هڪ ٽيڪنيڪل ٽريننگ پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي، هن جديد ٽيڪنيڪل ٽريننگ پروگرام ۾ صارفين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اڄ جي جديد دور جي ضرورتن مطابق فني تربيت ڏني ويندي، هن ٽيڪنيڪل ٽريننگ ۾ واٽر ڪارپوريشن جي آفيسرن کي بهتر ڪسٽمر سروسز، ڪميونيڪيشن اسڪلز، ڪسٽمر بلنگ سان گڏوگڏ نان روينيو واٽر ۽ ميٽرنگ گهرجن سميت ڪسٽمر بلنگ سروسز جي جديد سافٽ ويئر سان بہ آگاھ ڪيو ويندو ۽ ٽريننگ پروگرام تحت واٽر ڪارپوريشن جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻو آهي، ان کان علاوه جتي واٽر ڪارپوريشن جديد ٽيڪنيڪل ٽريننگ پروگرام ۾ روينيو آفيسرن کي شامل ڪيو آهي اتي واٽر ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪل انجنيئرن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جديد تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ 5 آفيسر جديد تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ پرتگال روانا ٿي چڪا آهن جنھن ۾ ڊائريڪٽر اسيسمنٽ ايويلشن عبدالرئوف جمالي، ڊائريڪٽر بلڪ انڊسٽريل ڪنزيومر نثار احد مگسي، ڊائريڪٽر بلنگ ريٽيل محسن ذوالفقار قائم خاني، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪسٽمر اينڊ ڊيٽا سيل محمد شعيب ۽ پروگرام آفيسر محمد عظيم شامل آهن جڏهن تہ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي ٻئي مرحلي ۾ وڃڻ وارن ۾ بورڊ ميمبر تنزيل پيرزادو پڻ شامل آهي جيڪو ٽريننگ جي نگراني بہ ڪندو، ان کان علاوه سپرنٽينڊنگ انجنيئر ميٽر ڪنزيومر سيل طارق لطيف، سپرنٽينڊنگ انجنيئر محمد دلاور، ايگزيڪيوٽو انجنيئر دانيال احمد ۽ KWSSIP جا ڪنور شرافت علي، سدرا ابرار ۽ محمد فرقان پڻ ٽريننگ ۾ شرڪت ڪندا، تربيت جي ڪل مدت هڪ مهينو آهي، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب واٽر ڪارپوريشن جي نئين انتظاميا کي مڪمل يقين آهي تہ شهرين کي پاڻي جي بهتر فراهمي يقيني بڻائي سگهندي ۽ ان سلسلي ۾ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان واٽر ڪارپوريشن جا آفيسر نان روينيو واٽر ريڊيڪشن، ڪسٽمر ريليشن شپ مينيجمينٽ، ليڪيجز جي نشاندهي، مرمت، بلنگ مئنيجمينٽ ۽ روينيو جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ٻين مختلف شعبن ۾ جديد تربيت حاصل ڪندا، ياد رهي تہ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان جديد تربيت ڏني پئي وڃي، پرڏيھ سفر، رهائش ۽ جديد تربيت جا سمورا خرچ عالمي بئنڪ پاڻ برداشت ڪندو جڏھن تہ ان جديد تربيت جو خرچ واٽر ڪارپوريشن برداشت نہ ڪندي، واضح رهي تہ اھيا ٽريننگ ان ڳالھ جو ثبوت آهي تہ واٽر ڪارپوريشن جي نئين انتظاميا اداري ۾ بامقصد سڌارا آڻڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي نگراني ۾ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ سمورا آفيسر ۽ ملازم ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو