ڪارونجهر جبل اسان جو تاريخي اثاثو آهي: شرجيل انعام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اڄ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪارونجهر جبل اسان جو تاريخي اثاثو آهي. سنڌ حڪومت ڪارونجهر جي تاريخي حيثيت کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر ٿيڻ نه ڏيندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اربين روپين جي لاڳت سان ڪيترائي ننڍا ڊيم ٺاهيا آهن ته جيئن ڪارونجهر جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ زمينن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي. حڪومت چاهي ٿي ته ڪارونجهر جي تاريخي حيثيت کي بچائڻ سان گڏ هن علائقي جي عوام جي معاشي حالت کي به بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪارونجهر اهو علائقو آهي جتان مون صوبائي اسيمبلي جي اميدوار طور پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هن چيو ته ڪارونجهر ۽ ٿر جي عوام سدائين پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ ووٽ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٿر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو بي مثال منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ٿر ۾ ايئرپورٽ ٺاهيا، شاندار روڊن جو ڄار وڇايو، آر او پلانٽس لڳايا، ٿر جي رهواسين لاءِ رهائش، تعليم، صحت مرڪز ۽ معاشي ترقي جي منصوبن ۾ حصو وٺڻ جا موقعا پيدا ڪيا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جي منصوبن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ عوامي خدمت جو اهو فرض نڀائيندا رهنداسين. هن چيو ته سنڌ ڪابينا ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ سيسي جي گورننگ باڊيز جي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ واري پاليسي تحت اهڙن سمورن گورننگ باڊيز ۾ عورتن کي نمائندگي ڏني ويندي. ڪابينا صوبائي مالياتي ڪميشن جي قيام جي به منظوري ڏني آهي. خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ضابطن کي ون ونڊو تحت ڊيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سکر ۾ صنعتي علائقو مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن سکر ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين. ڪابينا حيدرآباد ۾ صنعتي زون ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام لاءِ روزگار ۽ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ حڪومت آٽزم سينٽر جي قيام ۽ تربيت لاءِ 70 ڪروڙ رپيا فراهم ڪندي. ڪابينا نئين اسڪيمن جا فيصلا پڻ ڪيا. سنڌ حڪومت جو فوڪس عوام کي سهولتن جي فراهمي آهي. سنڌ حڪومت 1980ع کان وٺي سرڪاري کاتن جا قرض معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو 21 لک بي گهر ماڻهن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ تيزي سان هلي رهيو آهي. انهن گهرن جا ٽائيٽل عورتن جي نالن تي ڏنا پيا وڃن. چونڊن کان پوءِ جيئن ئي پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهندي ته سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن کي گهر ڏنا ويندا. عمران خان جي پارٽي بي گهر ماڻهن لاءِ گهر ٺاهڻ جو فنڊ پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ۽ ماڻهن کي گهر نه ڏنا. پيپلز پارٽي بي گهر ماڻهن لاءِ مالڪڻي حقن سميت گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جنهن به سياستدان يا حڪمران سرڪاري راز ظاهر ڪيا آهن ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ صنعتن جي قيام لاءِ مسلسل ڪم ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ سنڌ حڪومت صنعتي زون ٺاهي رهي آهي ته جيئن صنعتي ماحول ميسر ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم سان سندس خير سگالي ملاقات ٿي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن به فرد جو قرض معاف نه ڪيو ويو آهي، رڳو سرڪاري ادارن جا قرض معاف ڪيا ويا آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آءِ جي سنڌ مڪمل خودمختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان اسيمبلي فلور تي بيٺو هئس ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي اچڻ لاءِ چيو هو پر هو نه آيو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ مثالي ڪم ڪيا آهن. ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽ سومر يا اڱاري کان شروع ڪيا ويندا. امن امان جي صورتحال لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ادارا مڪمل الرٽ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪارونجهر جبل اسان جو تاريخي اثاثو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نقصان پهچڻ نه ڏنو ويندو. کارونجهر ۾ اربين روپين جي لاڳت سان ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن ته جيئن ڀرپاسي جي ڳوٺن کي پاڻي پهچايو وڃي. ڪارونجهر جي عوام هميشه پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو ۽ پيپلز پارٽي ٿر ۾ روڊ، ايئرپورٽ ٺاهيا، بجلي جا منصوبا ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن مردم شماري لاءِ واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته چونڊون آخري آدمشماري جي بنياد تي ئي ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو