ڪارنهن تڪرار تان جتوئين ۾ جهيڙو هڪ فوت 2 زخمي

پنوعاقل(سنتوش ڪمار) سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ راڄڙي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ مبينا طور ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ ٿيڻ سبب هِڪ عورت مسمات حديثان گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي جڏهن ته ٻه ڄڻا عمران ۽ جمشيد جتوئي سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، فوتي جي مڙھ کي قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتان کيس قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي،جڏهن ته سانگي پوليس موجب ڌرين ۾ ڪارنهن جو پراڻو تڪرار هلندڙ هو جنهن تي اڄ ڳاڙهي ڌر ڪاري ڌر تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي ڪري ھي واقعو پيش آيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو