ڪارنهن الزام ۾ ڀيڻ قتل ڪندڙ ڀاءُ کي عمر قيد جي سزا

اوٻاوڙو (غلام علي رند ) ماڊل اينڊ ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج احمد نواز ڊومڪي جي عدالت جوابدار محبت تڙت مٿان قتل جو ڏوھ صابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ 3 سال اڳ جوابدار محبت تڙت  ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀيڻ عجيبان تڙت کي قتل ڪيو هو  عدالت سڳوري ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ غير قانوني اسلحو رکڻ جي الزام ۾ 4 سال وڌيڪ قيد جي سزا ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ياد رهي ته رونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاہ علي تڙت ۾ جوابدار محبت تڙت 3 سال اڳ پنهنجي ڀيڻ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس رونتي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو جيڪو ٽي سال هليو ۽ جوابدار کي سزا ملي. پوليس پاران جوابدار کي سکر سينٽرل جيل موڪليو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو