ڪارنهن الزام ۾ عورت قتل، مڙس لاش سميت ايمبولينس ۾ فرار

پنوعاقل (سنتوش ڪمار ) سانگي ۾ جوابدار شوڪت جتوئي پنهنجي زال خديجه کي مبينا طور غيرت جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو آهي اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش کڻائي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل پهچايو جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد پوليس پاران لاش ايمبولينس ذريعي وارثن ڏانهن اماڻيو ويو ته رستي ۾ سانگي ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراھ تي مقتولا عورت جي ڀاءُ غوث بخش ۽ شوڪت جتوئي ايمبولينس کي روڪي ايمبولينس جي ڊرائيور کي تشدد جو نشانو بڻائي لاش سميت ايمبولينس ڪاهي فرار ٿي ويا جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار غوث بخش جتوئي کي گرفتار ڪري ايمبولينس ۽ لاش واپس ڪرائي ورتا. پوليس موجب جوابدار شوڪت جتوئي پنهنجي زال خديجه کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آهي جوابدار ڪيس خراب ڪرڻ لاءِ لاش کسڻ واري حرڪت ڪئي جوابدار لاش لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو.  ڊرائيور موجب جوابدار شوڪت جتوئي ۽ غوث بخش جتوئي مونکي ڪار ۾ ٻڌي تشدد ڪرڻ بعد لاش سميت ايمبولينس ڪاهي فرار ٿي ويا جڏهن ته ڊرائيور کي جوابدار ڪار ۾ ڇڏي ويا جنهن کانپوءِ ڊرائيور جوابدارن جي ڪار ڪاهي سانگي ٿاڻي تي پهچي پوليس کي واقعي جي آگاهي ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو