ڪابل بحران بابت جي سيون ملڪن جو اهم ورچوئل اجلاس

لنڊن (ويب ڊيسڪ)دنيا جي 7 ترقياتي ملڪن جي تعاون تنظيم جي سيون جو افغانستان بابت اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آَهي . اجلاس م افغانستان مان يورپي ۽ امريڪي شهرين کي بحفاظت ڪڍڻ، 20 سالن جي جنگ دوران اتحادي ۽ نيٽو فوجي جي مدد ڪندڙ افغان شهرين پناهگيرن جي آبادڪاري سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويندو. جي سيون جي واري ڦيري سان مٽجندڙ قيادت هن وقت برطانيا وٽ آهي. هن تنظيم ۾برطانيا، آمريڪا، فرانس، اٽلي، جرمني، جاپان ۽ ڪئناڊا شامل آهن ۽ اڄوڪي اجلاس ورچوئل آهي يعني ويڊيو ڪال تي ٿيندو ۽ هر ملڪ جو سربرهراهه پنهنجي پنهنجي ملڪ مان ويڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيندو. ياد رهي ته برطانيا آمريڪا تي زور ڀري رهيو آهي ته افغانستان مان نڪرڻ جي 31 آگسٽ واري ڊيڊ لائن ۾ واڌ ڪريو. آمريڪا چوي ٿو ته داعش جي حملن جو خطرو آهي. طالبان ترجمان سهيل شاهين خبردار ڪيو آهي ته ڊيڊ لائن ۾ واڌ قبول ناهي غير ملڪي فوجون 31 آگسٽ تائين نڪري وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو