ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شگر مافيا وري سرگرم ٿي وئي هول سيل جي سطح تي کنڊ هڪ دفعو ٻيهر 4 رپيا مهانگائي ٿيڻ کان پوءِ 135 رپيا ڪلو تائين ٿي وئي هول سيلرز کنڊ جي قيمت ۾ واڌ جو ذميوار شگر ملرز کي قرار ڏئي ڇڏيو، هول سيلر محمد اسلم جو چوڻ هو ته ملز جا مالڪ پنهنجي مرضي مطابق مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت مقرر ڪن ٿا شگر مافيا جي اڳيان حڪومت ڪمزور آهي حڪومت کي گهرجي ته شگر ملز کان اگهن ۾ واڌ جو جواب گهري وڊيو وائرل کنڊ اگهن ۾ واڌ تي شهري به پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ لڳا شهرين جو چوڻ آهي ته مهانگائي جي ذميوار حڪومت آهي نفعي خورن کي لغام ڏيڻ وارو ڪوئي نه آهي. هول سيلرز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مافيا جي خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته اٽو، گيهه تيل سميت هر سئي تي مافيا قابض ٿي ويندي.
