لاهور (ويب ڊيسڪ)کنڊ جي ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو به جاري آهي، ڳجهن ادارن جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي دوران 5 سئو 38 ٽن کنڊ هٿ ڪئي وئي.ضلعي انتظاميا موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ شهر جي مختلف هنڌن تي گودامن تي ڇاپا هنيا ويا.شهرين ڪمند جي اگهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آهي، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته کنڊ جي تمام گهڻي کوٽ آهي، جنهن کي ذخيره اندوزن طرفان لڪايو پيو وڃي.هن چيو ته حڪومت تعاون ڪندي ته لڪيل کنڊ ٻاهر اچي ويندي ۽ سستي ٿي ويندي.ان کان علاوه لاهور ۾ کنڊ 190 رپيا في ڪلو ملي ٿي، ڪوئيٽا ۾ کنڊ 5 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 220 رپيا ٿي وئي.
