کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث 13 ڊيلرز جا نالا ايف آءِ اي حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت چيني اسڪينڊل ۾ ملوث 13 ڊيلرز جا نالا ايف آءِ اي کي ڏئي ڇڏيا آهن.ذريعن موجب ايف آءِ اي کي ڪراچي، لاهور، خوشاب، سرگوڌا ۽ ٻين علائقن ۾ ڊيلرز جا نالا ڏنا ويا آهن.خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث ڊيلرز لڪيل آهن، ايف آءِ اي شگر ڊيلرز خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.ان کان علاوه ڪمند جي ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف به ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي.ڳجهن ادارن جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي دوران 5 سئو 38 ٽن کنڊ هٿ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو