دادو(ن س)دادو ڀرسان ڳوٺ ڪريم داد لنڊ جي رهواسين اعجاز لنڊ،نياز لنڊ،شبير لنڊ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاھنواز لنڊ، محمد آچر لنڊ چيو ته مخالف پوليس اي ايس آء منظور پنهور ۽ ڪانسٽيبل شاھ محمد لنڊ اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ زمين خريد ڪرڻ لاء اسان مٿان ظلم ڪري رهيا آهن، مزدور هاري نوجوان رياض عرف هائو مٿان جڙتو پوليس مقابلي جي پهرين مئي تي داخل ڪيل ايف آء آر سميت گذريل هڪ سال دوران پوليس مقابلي جون 4 ايف آء آر خداآباد ٿاڻي تي ڪوڙيون داخل ڪيون آهن منهنجو پٽ هاري پورهيت آهي،هنن چيو ته بنا جواز اي ايس آء منظور پنهور،شاھ محمد لنڊ وڏن پوليس اٽالن سان گذريل رات اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاھ ڪئي قيمتي سامان سميت پورهيت رياض ولد شاهنواز لنڊ کي کنڀي کڻي ويا آهن جنهن کي ڱم ڪري ڇڏيو آهي،مخالف پوليس وردي جي آڙ ۾ زمين تي قبضو ڪري مارڻ چاهين ٿا، هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور داخل ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري مخالف پوليس عملدارن اي ايس آء منظور پنهور ۽ ڪانسٽيل شاھ محمد لنڊ خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪري رياض لنڊ تي داخل پوليس پاران ڪوڙا ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي،










