کنڀيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم جو احتجاج

دادو(ڊر)جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو مظاهرين نياز حسين چنه، هارون پنهور، اياز جمالي،غازي چانڊيو،نظام الدين انڙ، پير مٺل ۽ ٻين اڳواڻن احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ مان جبري گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي هنن چيو ته جيستائين قومي ڪارڪنن کي آزاد نٿو ڪيو وڃي تيستائين اسان سک سان نه ويهنداسين مظاهرين چيو ته جبري گم ڪيلن ۾ ظفر چانڊيو،ذاڪر احمد سهتو ۽ ٻين قومي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو