کدڙن فقيرن کي اسلامي تعليم ڏيڻ لاءِ مدرسو قائم

کدڙن فقيرن کي اسلامي تعليم ڏيڻ لاءِ مدرسو قائم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر ۾ کدڙن فقيرن لاءِ مدرسو کوليو ويو آهي جتي کين قرآني تعليم ڏني پئي وڃي. پاڪستان ۾ هي پنهنجي نوعيت جو هي پهريون مدرسو آهي. اهو مدرسو 34 سالن جي راڻي خان نالي کدڙي فقير هڪ ٻن ڪمرن جي گهر ۾ شروع ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ عام مدرسن يا مسجدن ۾ سندن عبادت تي ڪا قنوني پابندي لاڳو ناهي پر معاشري ۾ کين قبول نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته 13 سالن جي عمر مونکي گهران ڪڍيو ويو ۽ پنڻ تي مجبور ڪيو ويو. 17 سالن جي عمر ۾ مون هڪ گروپ جوائن ڪيو جيڪو شادين ۾ ڊانس ڪندو هو پر ٿوري عرصي بعد مون ڇڏي ڏنو ۽ قرآن پڙهيم. ڪجهه دوستن جي مدد سان مدرسو شروع ڪيو آهي جتي ڀرت ڀري ۽ ڪپڙا سبي مدرسي جو خرچ ڪڍنداسين. پاڪستان ۾ 2018 ۾ کدڙن کي عام شهرين جيان بنيادي حق ڏيڻ ۽ شناختي ڪارڊ ۾ مرضي جي جنس لکرائڻ جي اجازت ملي هئي. سرڪاري ڊيٽا موجب پاڪستان ۾ 10 هزار کدڙا آهن پر واسطيدار هلقن جو چوڻ آهي ته 22 ڪروڙ جي ملڪ ۾ گهٽ م گهٽ 3 لک کدڙا  فقير رهن ٿا. ياد رهي ته گذريل سال ڪراچي ۾ ڪرسچن کدڙن پنهنجو چرچ شروع ڪيو هو، بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ به اسلامي مدرسو قائم آهي ۽ پاڪستان ۾ پنهنجي طرز جو پهريون مدرسو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو