ڦٽين جو اگھ ڪيرائي آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي

حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڦٽين جو اگھ ڪيرائي آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي. پاڻي کوٽ سبب آبادگار رستن تي آھن ۽ حڪومت گم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ لھندڙ وڏن فصلن جا ھٿرادو نموني اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي لٽيو وڃي ٿو. جڏھن ڪڻڪ لھي ٿو تہ بارداڻو گم ڪيو وڃي ٿو، ڪمند تيار ٿئي تہ ان جو اگھ ڪاٺين کان بہ گھٽ ڪيو وڃي ٿو، ھاڻ ڦٽين جو فصل مارڪيٽ ۾ آيو آھي تہ اگھ 10 ھزار ڪرڻ بدران حڪومت پنھنجي مقرر ڪيل اگھ ساڍا 8 ھزار روپين تي بہ عمل نہ پئي ڪرائي، جنھن ڪري ڪنھن شھر ۾ 6 ھزار روپيا في مڻ تہ ڪٿي ساڍا پنج ھزار رپيا تہ ڪٿي ساڍا 6 ھزار روپيا آبادگارن کان ڦٽين جو في مڻ خريد ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين کي فصلن جا اگھ ڪيرائي ۽ پاڻي کوٽ ذريعي معاشي طور ڪنگال ڪيو پيو وڃي، جنھنڪري سنڌ ۾ بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي کوٽ جي ڪري بيٺل فصل سڪي رھيا آھن ۽ نوان فصل پوکجي نہ پيا سگھن. جيڪو موجود پاڻي آھي ان تي حڪومتي وزيرن ۽ طاقتور ماڻھن جو قبضو آھي. جنھنڪري ٻيا آبادگار پاڻي کان محروم آھن. حڪمران پاڻي کي مخالفن خلاف ھٿيار طور استعمال ڪن ٿا، جيڪو آبادگارن حڪومتي وڏيرن ۽ وزيرن جي اشاري تي نٿو ھلي ان جو پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو