ڏکڻ وزيرستان لوئر: رستم بازار ۾ ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا

ڏکڻ وزيرستان لوئر: رستم بازار ۾ ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا

وانا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي شهر وانا ۾ رستم بازار ويجهو ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ چار زخمي ٿي پيا.ڊي پي او محمد طاهر موجب، احمد زئي وزير قبيلي جو سربراهه پڻ ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ شامل هو.پوليس موجب، حملي ۾ قبائلي سردار جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو.واقعي کان پوءِ، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو