ڪراچي ڏکڻ ضلعي ۾ پهريون ڀيرو پوليو جي تصديق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ضلعي ڏکڻ ۽ ميرپورخاص جي ماحولياتي نمونن ۾ پهريون ڀيرو پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.اختيارين موجب اپريل ۾ سڄي ملڪ جي 10 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جي تصديق ٿي هئي، جنهن ۾ ڪيماري ضلعي ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو جا ماحولياتي نمونا شامل هئا.اختيارين موجب سکر ۽ جيڪب آباد مان آيل ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.ان کان علاوه ڪوئيٽا، چمن، نصيرآباد ضلعن ۾ ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو