ڌماڪا افسوسناڪ ، حڪومت پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پشين ضلعي جي علائقي خانزئي ۽ قلعي سيف الله ۾ ڌماڪن جي مذمت ڪئي آهي.اهڙن واقعن جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت عام چونڊون پرامن ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي.نگران وزيراعظم ڌماڪن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو آهي.هن زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيف سيڪريٽري بلوچستان کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ان کان علاوه گهرو وزير گوهر اعجاز به قلعه سيف الله ۾ جي يو آءِ ف جي آفيس ٻاهران ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته شهيدن جا خاندان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، اليڪشن کان اڳ شرپسند افراتفري پکيڙڻ چاهين ٿا، شرپسند عوام کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ کان روڪڻ چاهين ٿا.گوهر اعجاز جو چوڻ آهي ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ڪنهن به قيمت تي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردن جو معصوم شهرين تي حملو انتهائي بزدلاڻو عمل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو