ڌانڌلي وارا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا: شير افضل مروت

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته ڌانڌلي جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا. پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت ۽ ڪارڪنن چونڊ نتيجن ۾ دير خلاف لڪي مروت جي ڊي آر او آفيس ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن.شير افضل مروت مطالبو ڪيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر (ڊي آر او) فوري طور تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 41 جا نتيجا جاري ڪري. ڌانڌلي جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا.هن اليڪشن ڪميشن تي الزام مڙهيندي چيو ته اسان جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو