ڊپٽي چيئرمين نيب جي استعيفيٰ ،تصديق کان انڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي احتساب بيورو (نيب) جي ڊپٽي چيئرمين ظاهر شاهه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب استعيفيٰ ڏيڻ بعد ظاهر شاهه نيب چيئرمين سان الوداعي ملاقات کانپوءِ روانو ٿي ويو.ذريعن ٻڌايو آهي ته ظاهر شاهه پنهنجي استعيفيٰ جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڊپٽي چيئرمين ظاهر شاهه جي عهدي تان استعيفيٰ جو سبب في الحال سامهون نه اچي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو