اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، 26 نومبر جي ڊي چوڪ احتجاج ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي زال بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 25 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.ايڊيشنل سيشن جج عامر ضياءَ جي موڪل سبب ڊيوٽي جج افضل مجوڪا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.بشريٰ بي بي جي وڪيل شمسه ڪياني عدالت ۾ پيش ٿي.ڊيوٽي جج افضل مجوڪا بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي.ياد رهي ته بشريٰ بي بي خلاف رمنا پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.










