ڊي سي جي اجازت نه ڏيڻ باوجود مولانا جي جلسي جون تياريون

ڊي سي جي اجازت نه ڏيڻ باوجود مولانا جي جلسي جون تياريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) کي ريلي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.جي يو آءِ پاران چونڊ نتيجن خلاف نيو ايم اي جناح روڊ تي ريلي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن کي مولانا فضل الرحمان سميت پارٽي جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت خطاب ڪندي.ڊپٽي ڪمشنر شرقي جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ کي ريلي جي اجازت نه ڏني وئي، ايس ايس پي اوڀر جي رپورٽ تي ريلي جي اجازت نه ڏني وئي.ايس ايس پي اوڀر جي رپورٽ موجب شهر ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن کي نظر ۾ رکندي وڏي عوامي گڏجاڻين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ٻئي طرف جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪراچي پهچي ويو آهي، جلسي کي مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندو.اسلم غوري چيو ته اميد آهي ته سنڌ حڪومت بلاول ڀٽو جي ٻولي جي پاسداري ڪندي، پرامن احتجاج آئيني حق آهي ۽ اسان کي آئيني حق استعمال ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو