ڊي جي آءِ ايس آءِ طور نديم انجم جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جي سفارش تي ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي ڊي جي آِ ايس آءِ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. 6 آڪٽوبر تي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس بعد فوجي ترجمان ان مقرري جو اعلا ڪيو هو پر عمران خان چيو هو ته اهو اختيار هن جو آهي هن کي سمري موڪليو ۽ هو فيصلو پاڻ ڪندو. وزيراعظم ۽ آرمي چيف ۾ بظاهر اختلاف راءِ پيدا ٿي پئي هئي. ياد رهي ته اهي خبرون به آيون ته نجومين عمران خان کي چيو آهي ته 15 نومبر تائين تبديليون نه ڪريو. حڪومت نجوين جي ته ترديد ڪئي هئي پر هاڻي جاري ٿيل نوٽفڪيشن موجب نديم انجم 20 نومبر تي چارچ وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو