ڊينمارڪ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جو ٻيو افسوسناڪ واقعو

ڪوپنگن (ويب ڊيسڪ)قرآن پاڪ جي بي حرمتي جو هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو ڊنمارڪ ۾ پيش آيو جنهن ۾ ٻن ماڻهن عراقي سفارتخاني جي سامهون قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي.پرڏيهي ميڊيا موجب ڊنمارڪ جي گادي واري هنڌ ڪوپن هيگن ۾ گذريل هفتي ڊينمارڪ پيٽريئٽس نالي ساڳئي گروپ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي.ان کان اڳ سويڊن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران قرآن پاڪ جي بي حرمتي جا ٻه واقعا ٿي چڪا آهن جڏهن ته ايران ۽ عراق ۾ به سويڊن ۽ ڊنمارڪ ۾ هزارين ماڻهو مظاهرا ڪري چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو