ڊراپنگ سخت لفظ آهي، سرفراز کي آرام ڏنو ويو آهي، شان

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود جو چوڻ آهي ته ڊراپ ڪرڻ سخت لفظ آهي، سرفراز کي ڪجهه آرام ڏنو آهي.ميلبورن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود جو چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته اهڙي ٽيم ٺاهيان جيڪا انهن حالتن ۾ بهترين هجي.هن چيو ته سرفراز احمد چئن سالن کانپوءِ شاندار واپسي ڪئي آهي، ڊوميسٽڪ ۾ بهترين انداز ۾ ڪراچي ٽيم جي اڳواڻي ڪئي پر محمد رضوان جو ان حالت ۾ به رڪارڊ بهتر نظر اچي رهيو آهي.شان مسعود جو چوڻ آهي ته رضوان کي کنڊيشن کي نظر ۾ رکندي چونڊيو ويو، جتي سرفراز لاءِ حالت سازگار هوندي ته کيس موقعو ملندو. اسان کي بيٽنگ بهتر ڪرڻي آهي، جيڪڏهن ٽيم سئو اوور کيڏي رهي آهي ته بيٽسمين کي ٿورو تيز کيڏڻو پوندو، موجوده ريڊ بال کي تيز کيڏڻو پوندو.قومي ٽيم جي ٽيسٽ ڪپتان وڌيڪ چيو ته ريڊ بال جي اها گهٽتائي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي، انجري فاسٽ بالرز کي ٿيندي آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ فاسٽ بالرز لاءِ مشڪل آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تمام گهڻو لوڊ هوندو آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته خرم شهزاد ٽيسٽ ڪرڪيٽ نه کيڏي رهيو آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو لوڊ ڊوميسٽڪ جو لوڊ ناهي، فٽنيس جو معيار بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، رانديگرن کي وڌيڪ ريڊ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ گهرجي. ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ ريڊ بال ڪرڪيٽ مان تجربو حاصل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو