ڊار آءِ ايم ايف جا سڀ شرط مڃيا آهن، مهانگائي اڃا وڌندي، قريشي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار آءِ ايم ايف جا سمورا شرط قبول ڪيا آهن.پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي وڃي.هن چيو ته معاشي ۽ سياسي استحڪام هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي.شاهه محمود جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اهي شرط پهريان قبول ڪيا وڃن ها ته گومگو واري صورتحال نه هجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو