بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ خطرناڪ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 563 ٿي ويو آهي. چيني انتظاميا مطابق ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 73 ماڻهو فوت ٿيا آهن جيڪو هڪ ڏينهن ۾ مرندڙن جو هيستائين هڪ وڏو تعداد آهي. چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن مطابق ڪورونا وائرس جي وڌيڪ 3 هزار 800 کان وڌيڪ متاثر سامهون آيا آهن جنهن بعد متاثر مريضن جو تعداد 28 هزار کان وڌي ويو آهي. صحت جي عالمي اداري جي سربراهه بين الاقوامي ڪميونٽي کان وڏي پئماني تي همدردي جو اظهار ڪندي خطرناڪ ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڊيٽا شيئر نه ڪندڙ حڪومتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. هن جو چوڻ هيو ته چين کان علاوهه جن ملڪن ۾ ڪورونا وائرس آهي اتان صرف 38 ڊيٽا مليا آهن. ٻئي طرف ويٽنامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس سبب ان جي ايوي ايشن، سياحت ۽ زراعت جي صعنتن کي وڏي پئماني تي نقصان جو خدشو آهي. انتظاميا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن چين جي معيشت سست ٿي ويندي ته پوءِ ان جو سڌو سنئون اثر ويٽنام جي معيشت تي پوندو ڇاڪاڻ ته ويٽنام جو چين سان هڪ وڏو واپاري شراڪت داري آهي. جاپان ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيندڙ مريضن لاءِ فوج جي نگراني هيٺ استعمال ٿيندڙ سمنڊي جهاز هاڪو کي اسپتال جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي. هاڪو جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو جي ويجهو يوڪو سوڪا بيس تي بيٺو آهي جنهن ۾ 300 ماڻهو رهائش اختيار ڪري سگهن ٿا جڏهن ته جهاز ۾ وڌ ۾ وڌ گنجائش 500 ماڻهن جي آهي. ياد رهي ته هن مهل تائين دنيا جي 25 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ صحت جي عالمي اداري جي سربراهه جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ساڍا 67 ڪروڙ ڊالرن جي فوري ضرورت آهي.
